Private company

Indus flotilla

Indus flotilla is a company based in Kotri founded in 1858.1

انڊس فلوٽيلا بار بردار جهاز هو، جيڪو 1859ع ڌاري قائم ڪيل برطانيا سرڪار جي ڪمپنيءَ Indus Steam Flotilla سنڌو درياھ تي بار ڍوئڻ لاءِ ڪم آندو. سنڌو درياھ ۾ ٻيڙين وسيلي آمد رفت ۽ وڻج واپار اوائلي دور کان جاري رهيو آهي. پر سنڌوءَ ۾ جديد جهاز رانيءَ جي ابتدا انگريزن جي دور ۾ ٿي. هندستان تي قبضي کانپوءِ انگريزن جديد جهاز رانيءَ جي شروعات سنڌ مان ڪئي. هونئن ته سنڌو درياھ ۾ پهريون وڏو ٻيڙو ’انڊس‘ 1835ع ڌاري هلايو ويو، پر ان کان پوءِ انگريزن (Planet) ۽ (Satellite) نالي ٻه ٻيا ٻيڙا سنڌو درياھ ۾ هلايا. انهن ٽنهي ٻيڙن کي انگريزن سنڌ تي قبضي ڪرڻ وقت استعمال ڪيو هو. سنڌ تي قبضي ڪرڻ کانپوءِ انگريزن سنڌو درياھ ۾ هڪ ننڍو جهاز بيهاري ڇڏيو، جنهن لاءِ نيويءَ جو هڪ آفيسر بہ مقرر ڪيو ويو. 1852ع ڌاري انگريزن ڪراچيءَ کان ڪوٽڙيءَ تائين پاڻيءَ جو هڪ ننڍو جهاز هر پندرهين ڏينهن ٽپال لاءِ استعمال ڪيو ۽ اهڙيءَ ريت سرڪاري سطح تي برصغير ۾ ٽپال جي ابتدا بہ سنڌوءَ درياھ وسيلي سنڌ مان ڪئي وئي.2 From the sd Wikipedia, CC BY-SA 4.0

Last updated Oct 21, 2026.

Overview

1858Founded1
  • HeadquartersKotri1
  • Legal formcompany1

Timeline

  1. 1858Founded Founded1

Sources

The numbers on this page point here. Each one links to the record it came from.

  1. 1
  2. 2